اختر بخاري

اختر بخاري

اختر بخاري

اختر بخاري: سيد اختر علي شاهه ولد سيد نياز محمد شاهه بخاري، ماٿيلو (مومل جي ماڙي) تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ 2 فيبروري 1947 ۾ ڄائو. هن مئٽرڪ جو امتحان ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪي مان 1963ع ۾ پاس ڪيو ۽ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي. 1970ع ۾ ايم. اي سياست ساڳي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. 1966ع ۾ جي. ايس.ٽي استاد گورنمينٽ هاءِ اسڪول اوٻاوڙي ۾ مقرر ٿيو. 1966ع کان روزاني مهراڻ، سيد سردار علي شاهه بخاريءَ جي ادارت ۽ سرپرستيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعريءَ ۽ صحافت جو استاد به سيد سردار علي شاهه کي مڃيائين. 1970ع ۾ استاديءِ کي خير باد چئي، نيويءَ ۾ ڪميشن حاصل ڪيائين، جنهن کي ڪن ذاتي سببن ڪري ڇڏي، باقاعدي صحافتي دنيا ۾ آيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کان متاثر ٿي ان جي ساٿ ۾ گڏجي ويو. سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. سيد حسين شاهه راشديءَ جي چيئرمينيءَ واري دور ۾ سندس واسطو ڊاڪٽر فهميده حسين، جمال ابڙو، امر جليل، مراد علي مرزا، غلام رباني آگري ۽ تاج جويي ۽ سنڌ جي جملي ادب دوستن ۽ تاريخدانن سان رهيو. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تائين پ.پ.پ سان نظرياتي طور تي واڳيل رهيو. سٺو شاعر مضمون نگار، نقاد ۽ صحافي آهي. سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن، پر ڇپيا نه آهن. جن جا نالا: (1) مذهب ۽ عقل (2) چنگاريان (اردو) آهن. گهوٽڪي شهر ۾ ”وليج پرنٽرس“ نالي سان پريس هلائي رهيو آهي ۽ هفتيوار ”پرهه ڦٽي“ رسالو باقاعدگيءَ سان ڪڍي رهيو آهي. ’مومل جي ماڙي‘ ماٿيلي جي تاريخي آثارن جي بچاءَ لاءِ سرگرم رهيو آهي ۽ علم دوست، اڳوڻي ضلعي آفيسر شفيق احمد مهيسر جي سهڪار سان ميوزيم قائم ڪرايو اٿس ۽ مومل جي ماڙيءَ جي تاريخي آثارن کي چوڌاري لوهي جهنگلو ڏيارڻ ۽ ان جي اهميت تي سيمينار ڪرائڻ سندس شاندار ڪمن ۾ شامل آهي. اڄڪلهه اي.پي.پي ۽ پي. ٽي. وي سان واڳيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.02.02  عيسوي

اختر بخاري: سيد اختر علي شاهه ولد سيد نياز محمد شاهه بخاري ، ماٿيلو ( مومل جي ماڙي ) تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ 2 فيبروري 1947 ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
خفيف I
ٻانڀڻ
جهانگير قريشي
حسين بخش وڳڻ
ربو شاهه
ڌڻي بخش مهر مولانا
شڪرالله شيرازي ٺٽوي
پير عبدالحئي نقشبندي
خوشيرام منشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون